فيفا سيريز: پاڪستان وومينز فٽبال ٽيم آئيوري ڪوسٽ هٿان شڪست ڏئي ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


فيفا سيريز جي ٻئين ميچ ۾ پاڪستان وومين فٽبال ٽيم کي آئيوري ڪوسٽ هٿان شڪست جو منهن ڏسڻو پئجي ويو.

آئيوري ڪوسٽ جي الاسن اوتارا اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ آئيوري ڪوسٽ پاڪستان کي 0-2 تان شڪست ڏئي ڇڏي.

پاڪستاني ٽيم شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي آئيوري ڪوسٽ کي وڌيڪ گول ڪرڻ نه ڏنو، پر عالمي سطح تي نااهلي سبب گول ڪرڻ جا موقعا به ضايع ٿي ويا.

پاڪستان فٽبال فيڊريشن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته شڪست باوجود قومي ٽيم جي شاندار ڪارڪردگي اسان جون دليون فخر سان ڀريون آهن.

ڪيلا صديقي، اسرا خان ۽ زينا جيوراج جي شاندار پرفارمنس مداحن جون دليون کٽي ورتيون.

ياد رهي ته فيفا سيريز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم ترڪ ۽ ڪيڪوس آئلينڊ خلاف 0-8 تان تاريخي فتح حاصل ڪئي هئي.

ٻي ميچ ۾ قومي ٽيم موريتانيا خلاف 0-1 تان هارائي وئي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment