ايران جي سنوڪر رانديگر حسين وفائي ورلڊ اسنوڪر چيمپيئن شپ ۾ وڏو اپٽ ڪيو.
تفصيل موجب حسين وفائي سنسني خیز مقابلي کانپوءِ عالمي نمبر هڪ جيوڊ ٽرمپ کي 12-13 تان شڪست ڏئي ڇڏي.
فيصلي واري فريم ۾، وفائي 91 رنسن جي شاندار بريڪ کيڏندي پهريون ڀيرو ڪوارٽر فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.
ميچ دوران ٽرمپ غالب رهيو ۽ 10-7 ۽ 12-11 جي برتري حاصل ڪري رهيو هو پر وفائي هار نه هاريو ۽ زبردست واپسي ڪري ميچ برابر ڪري ڇڏي.
فائنل فريم ۾، ٽرمپ کي کٽڻ جو موقعو مليو، پر هڪ غلط شاٽ کان پوء، وفائي موقعي جو فائدو ورتو ۽ فتح حاصل ڪئي.
ميچ کانپوءِ ٽرمپ وفائي کي مبارڪباد ڏني جڏهن ته مداحن کيس داد ڏنو.
وفائي چيو ته هو نه رڳو پنهنجي فتح لاءِ پر پنهنجي ملڪ ۽ خاندان لاءِ به جدوجهد ڪري رهيو آهي.


