ٽيون ون ڊي: نيوزيلينڊ کي شڪست، سيريز بنگلاديش کي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


بنگلاديش ٽئين ون ڊي ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي 55 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي.

چٽگانگ ۾ کيڏيل ميچ ۾ دوري جي ٽيم ٽاس کٽي ميزبان بنگلاديش کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني.

بنگلاديش مقرر 50 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 265 رنسون ٺاهيون، نجم الحسين شنٽو (105) جي شاندار سينچري جي بدولت بنگلاديش مقرر 50 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 265 رنسون ٺاهيون. لٽن داس 76 رنسون ٺاهي ٻئين نمبر تي بيٽسمين رهيو.

نيوزيلينڊ طرفان ول او رورڪ 3، بين ليسٽر ۽ جيڊن لينڪس 2-2 جڏهن ته ڊين فاڪس ڪرافٽ هڪ وڪيٽ ورتي.

هدف جي تعاقب ۾ ڪيوي ٽيم 44.5 اوورن ۾ 210 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. ڊين فاڪس ڪرافٽ 75 ۽ نڪ ڪيلي 59 رنسون ٺاهيون.

بنگلاديش طرفان مستفيض الرحمان 5، ناهيد رانا ۽ مهدي حسن ميرز 2، 2 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته شرف الاسلام هڪ وڪيٽ ورتي.

ان فتح سان بنگلاديش ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز 1-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment