نابالغ ڇوڪري جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ڳائڻي وٽان گندو مواد هٿ ڪيو ويو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



آمريڪا ۾ نوجوان ڇوڪري جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪيل ڊي 4 وي ڊي جي نالي سان مشهور گلوڪار ڊيوڊ اينٿوني برڪ خلاف جاچ هڪ ٻيو سنگين رخ اختيار ڪري ورتو آهي. اختيارين موجب جوابدار جي ڊجيٽل اڪائونٽس ۽ اليڪٽرانڪ ڊيوائسز مان وڏي مقدار ۾ قابل اعتراض مواد هٿ ڪيو ويو آهي، جنهن ڪيس کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ڇڏيو آهي. عالمي ميڊيا رپورٽن موجب جاچ ادارن کي جوابدار جي آءِ ڪلائوڊ اڪائونٽ مان وڊيوز ۽ فائلز مليون آهن، جن ۾ نه رڳو بالغ ڇوڪرين پر نابالغ ٻارن جو به حساس ۽ غير اخلاقي مواد موجود آهي. ان کان علاوه جوابدارن وٽان استعمال ٿيندڙ مختلف اليڪٽرانڪ ڊوائيسز مان 20 کان 30 ٽيرا بائيٽ ڊيٽا هٿ ڪئي وئي آهي، جنهن جي مڪمل جاچ ڪئي پئي وڃي. ياد رهي ته D4vd تي 14 سالن جي ڇوڪري Celeste Rivas Hernandez کي قتل ڪرڻ جو الزام آهي. پوليس موجب مقتول جو لاش ڳائڻي جي نالي تي رجسٽرڊ ڪار مان مليو، جنهن جا ٽڪرا ٽڪرا ۽ انتهائي خراب حالت ۾ هئا. طبي معائني ۾ اهو به انڪشاف ٿيو ته جسم تي منشيات جا اثر هئا. عدالتي ڪارروائي دوران پراسيڪيوٽر چيو ته هن وقت تائين رڳو هڪ ٽيرا بائيٽ ڊيٽا جو جائزو ورتو ويو آهي، باقي مواد جي جاچ ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته وڊيوز، ڊي اين اي، تصويرون ۽ فرانزڪ رپورٽ سميت سمورا ثبوت ايندڙ ٻڌڻي تي دفاعي ٽيم حوالي ڪيا ويندا. اختيارين موجب، شروعاتي شاهديون ظاهر ڪن ٿيون ته قتل ممڪن طور تي مالي فائدي يا ذاتي مفادن جي تحفظ لاءِ ڪيو ويو هو، پر جاچ اڃا جاري آهي ۽ حتمي نتيجو اچڻو آهي. ٻئي طرف جوابدار سمورا الزام رد ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته گلوڪار جي وڪيلن جو چوڻ آهي ته هو عدالت ۾ پنهنجي بي گناهه ثابت ڪندا. عدالت ڪيس جي سنگيني کي نظر ۾ رکندي جوابدارن کي ضمانت کانسواءِ جيل ۾ رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment