حسن هادي 38هين پاڪستان اسڪربل چيمپيئن شپ جو ٽائيٽل کٽي ورتو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


حسن هادي خان 38هين پاڪستان اسڪربل چيمپيئن شپ جو ٽائيٽل کٽي ورتو.

تفصيل موجب ٽن ڏينهن واري 38هين پاڪستان اسڪريبل چيمپيئن شپ ۾ سڄي ملڪ مان 80 بهترين رانديگرن حصو ورتو.

حسن هادي خان 27 مان 20 ميچون کٽي ٻيو ڀيرو ٽائيٽل کٽي ورتو. هن 14 ورهين جي احمد سلمان کي سنسني خیز فائنل ۾ شڪست ڏئي قومي چيمپيئن بڻيو ۽ فاتح ٽرافي کٽي ورتي.

اڳوڻو ورلڊ يوٿ چيمپيئن علي سلمان ٽئين ۽ اڳوڻو ايشين يوٿ چيمپيئن هاشم هادي چوٿين، جڏهن ته دفاعي چيمپيئن ۽ پاڪستان جو نمبر ون وسيم کٽي پنجين نمبر تي رهيو.

ٻئين ڊويزن ۾ محمد عزير پهرين، ايمن فيصل ٻي ۽ عفان سهيل ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي.

خاص مهمان پي ايس ايل جي مشهور فرنچائز ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي مالڪ ۽ ڪراچي ريجنل ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي صدر نديم عمر انعام ورهايا.





Source link

Share This Article
Leave a Comment