سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت سولر سسٽم ذريعي 275 هزار خاندانن جي توانائي جون ضرورتون پوريون ڪري رهي آهي. هڪ بيان ۾ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي سولر سسٽم جي فراهمي واري منصوبي مان آف گرڊ علائقن جا 132000 خاندان ۽ آن گرڊ علائقن جا 143000 خاندان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. هن چيو ته 180 واٽ جو سولر پينل، بيٽريون، سينٽرل ڪنٽرول يونٽ، چارج ڪنٽرولر، موبائل چارجنگ جي سهولت، پنکھا ۽ ايل اي ڊي لائيٽون هر مستحق خاندان کي فراهم ڪيون پيون وڃن، منصوبي تي تيزي سان ڪم جاري آهي، هن وقت تائين مختلف ضلعن ۾ 15 هزار کان وڌيڪ سولر هوم سسٽم ڪٽ ورهايا ويا آهن. سينيئر وزير چيو ته حڪومت جو مقصد آهي ته منصوبو جون 2027ع تائين مڪمل ڪيو وڃي جنهن مان 275 هزار مستحق خاندانن کي فائدو پهچندو.
Source link

سولر منصوبي سان 2 لک 75 هزار خاندان فائدو حاصل ڪندا: شرجيل ميمڻ
Leave a Comment Leave a Comment

