سنڌ حڪومت ۽ آءِ ايف سي وچ ۾ صحت، سماجي تحفظ ۽ معاشي ترقي ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read



سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن جي پاڪستان ڊويزن جي ڊائريڪٽر سائمن اينڊريوز ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سنڌ حڪومت ۽ آءِ ايف سي وچ ۾ صحت، سماجي تحفظ ۽ اقتصادي ترقي جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ ترقي ۽ منصوبابندي وارو صوبائي وزير ڄام خان شورو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف عباس، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه ۽ سيڪريٽري فنانس فياض جتوئي جڏهن ته انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن (آءِ ايف سي) جي وفد ناز خان ۽ سحر اعتزاز پڻ شرڪت ڪئي. بين الاقوامي ڊيٽا سينٽر ۽ سنڌ ۾ قابل تجديد توانائي جي منصوبن تي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته خانگي شعبي لاءِ وڌيڪ قابل تجديد توانائي پيدا ڪرڻ سنڌ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. زرعي سپلائي چين، اسٽوريج ۽ پروسيسنگ جي سهولتن جي بهتري سان هارين جي آمدني ۾ اضافو ٿيندو. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ ننڍن هارين جو وڏو انگ 25 ايڪڙ تائين زمين جو مالڪ آهي، ننڍن هارين کي گروپن جي صورت ۾ سبسڊي وارا ٽريڪٽر ڏنا ويندا، ٻه يا ٽي هاري جيڪي پاڙيسري زمينون پوکيندا آهن انهن کي گڏيل طور ٽريڪٽر ڏنا ويندا. آئي ايف سي وفد انساني وسيلن جي ترقي، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو، جڏهن ته ٻارن جي غذائي کوٽ ۽ اسٽنٽنگ جي خاتمي لاءِ پروگرام ۾ تعاون تي اتفاق ڪيو ويو. وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ هر سال 15 هزار نرسون پيدا ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو پيو وڃي، پاڪستان نرسنگ جي شعبي ۾ افرادي قوت جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، هو آءِ ايف سي سان گڏجي نرسنگ جي تعليم ۽ تربيت جو جامع ماڊل تيار ڪندا. IFC سنڌ ۾ ڊجيٽل انفراسٽرڪچر، زراعت، صحت ۽ انساني وسيلن جي ترقي ۾ مدد طلب ڪري ٿي. سائمن اينڊريوز چيو ته آءِ ايف سي سنڌ جي پائيدار ۽ جامع ترقيءَ لاءِ پارٽنرشپ کي مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. موسمياتي تبديلي جي خطرن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن جو حصو بڻائڻ تي سنڌ حڪومت ۽ آءِ ايف سي وچ ۾ مشاورت ٿي. سائمن اينڊريوز چيو ته IFC جو سسٽينبل انفراسٽرڪچر ايڊوائزري پروگرام سنڌ کي ٽيڪنيڪل مدد فراهم ڪندو. پي پي پي يونٽ سنڌ به موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۽ پائيدار ترقي کي فروغ ڏيڻ لاءِ IFC کان ٽيڪنيڪل مدد طلب ڪئي آهي. موسمياتي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ جامع عملدرآمد فريم ورڪ تيار ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. IFC ۽ سنڌ حڪومت ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پي پي پي منصوبن کي ماحولياتي تبديلي جي اثرن خلاف وڌيڪ مضبوط ۽ پائيدار بڻايو ويندو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment