تهران: ايران جي پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر غالب چيو آهي ته لبنان ۾ پائيدار امن ايران جي علائقائي ڪردار کي نظرانداز ڪرڻ سان ممڪن ناهي. هن چيو ته خطي ۾ استحڪام لاءِ ايران جو ڪردار بنيادي اهميت جو حامل آهي.
ايراني ميڊيا موجب محمد باقر قاليباف اها ڳالهه تهران ۾ حزب الله جي سينيئر اڳواڻ سان ملاقات دوران چئي. محمد فنش ايران جي اڳوڻي سپريم ليڊر علي خامنه اي جي جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ تهران پهچي ويو آهي.
ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن لبنان جي موجوده سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال، خطي جي تازي پيش رفت ۽ ايران-لبنان لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
محمد باقر قاليباف چيو ته ايران هميشه خطي ۾ استحڪام، امن ۽ مزاحمتي قوتن جي حمايت لاءِ بيٺو آهي ۽ لبنان ۾ پائيدار امن لاءِ ايران جي ڪردار کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.
ايراني ميڊيا موجب قاليباف اهو به انڪشاف ڪيو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت کان اڳ ٿيندڙ ڳالهين ۾ لبنان جي صورتحال به اهم موضوعن مان هڪ هئي.
هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته خطي جي مسئلن جو حل رڳو ڳالهين، علائقائي تعاون ۽ گڏيل احترام سان ئي ممڪن آهي، جڏهن ته لبنان جي استحڪام کي پوري وچ اوڀر جي امن سان جڙيل هجڻ گهرجي.
سياسي مبصرن موجب قاليباف جو بيان هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن ايران، آمريڪا، لبنان ۽ اسرائيل وچ ۾ سفارتي سرگرميون تيزيءَ سان جاري آهن ۽ خطي ۾ مستقبل جي سياسي ۽ سيڪيورٽي انتظامن تي مختلف سطحن تي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي.


