بي جي پي جي انتهاپسند ڪاررواين خلاف مني پور ۾ آزادي جون تحريڪون زور وٺي رهيون آهن، ڀارتي فوج ۽ عوام وچ ۾ سخت ڇڪتاڻ جو سلسلو جاري آهي.
ڀارت جي پنهنجي اخبار هندستان ٽائمز قابض ڀارتي فوجن پاران مودي جي ظالمانه ڪاررواين ۽ مظالم کي بي نقاب ڪيو.
ڀارتي ميڊيا موجب مني پور جي ماڻهن ڀارتي سڪيورٽي فورسز خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ نفرت جو اظهار ڪيو. ڀارتي فورسز بنا جواز فائرنگ ۽ شيلنگ ڪئي، جنهن جي جواب ۾ مني پور جي عوام سخت پٿراءُ ڪيو. ڀارتي سڪيورٽي فورسز جي تشدد سبب ڪيترائي شهري زخمي ٿي پيا آهن.
ماهرن موجب مني پور جي ٻين ضلعن ۾ به ماڻهو ڀارتي حڪومت جي انتهاپسند پاليسين خلاف روڊن تي نڪري آيا آهن.


