اربع ڏينهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ اسلام آباد ۾ ٿيل مفاهمت جي ياداشت ۾ لبنان سان لاڳاپيل هڪ اهم شق شامل آهي، جيڪا هن دستاويز جو اهم ترين نقطو آهي.
عالمي خابرو اداري موجب ان معاهدي جا 14 نقطا سامهون آيا آهن، جنهن تي آمريڪا ۽ ايران طرفان صحيحون ڪيون ويون آهن ۽ اهو عمل ۾ اچي ويو آهي.
هن اهم ۽ تاريخي معاهدي جا هيٺيان نقطا آهن جيڪي پوري دنيا ۽ خاص ڪري وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي ضمانت ڏئي ٿو.
1- لبنان سميت سڀني محاذن تي فوجي آپريشن کي فوري ۽ مستقل طور تي بند ڪيو وڃي.
2- آمريڪا ۽ ايران هڪ ٻئي جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو احترام ڪندا ۽ هڪ ٻئي جي اندروني معاملن ۾ مداخلت کان پاسو ڪندا.
3- ٻئي ملڪ هڪ حتمي معاهدي تي ڳالهين کي وڌ ۾ وڌ 60 ڏينهن اندر انجام ڏيڻ جا پابند هوندا، پر اهو مدو گڏيل رضامندي سان وڌائي سگهجي ٿو.
4- آمريڪا فوري طور تي ايران تي لڳايل بحري بند هٽائڻ جو عمل شروع ڪندو ۽ 30 ڏينهن اندر مڪمل طور تي هٽائي ڇڏيندو.
5- ايران آبنائے هرمز ۾ 60 ڏينهن تائين تجارتي جهازن جي محفوظ ۽ آزاد گذرڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجون بهترين ڪوششون استعمال ڪندو.
6- آمريڪا ايران جي بحالي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 300 بلين آمريڪي ڊالرن جي منصوبي تي پنهنجي علائقائي ڀائيوارن سان ڪم ڪندو.
7- آمريڪا ايران تي لڳل سموريون پابنديون ختم ڪندو.
8- ايران ٻيهر تصديق ڪئي آهي ته هو ايٽمي هٿيارن جي حاصلات يا ترقي نه ڪندو، جڏهن ته مستقبل ۾ ڳالهين جوهري پروگرام جي ٻين پهلوئن تي ٿيندي. ٻئي طرف ايران جي يورينيم افزودگي ۽ ٻين جوهري ضرورتن بابت معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.
9- آمريڪا ۽ ايران حتمي معاهدو ٿيڻ تائين اسٽيٽس ڪو برقرار رکڻ تي متفق آهن.
10- معاهدي تي صحيح ٿيڻ کان پوءِ ۽ پابندين جي مڪمل خاتمي تائين، آمريڪي خزاني جو کاتو ايراني خام تيل، پيٽروليم مصنوعات ۽ سڀني لاڳاپيل خدمتن جي برآمد لاءِ خاص پرمٽ (معاف) جاري ڪندو.
11- آمريڪا پابند هوندو ته ايران جا منجمد يا محدود مالي وسيلن ۽ اثاثن کي استعمال لاءِ مڪمل طور تي دستياب بڻائي.
12- هن ايم او يو جي اثرائتي عملدرآمد جي نگراني لاءِ هڪ گڏيل انتظام جو نظام قائم ڪيو ويندو.
13- معاهدي تي صحيح ٿيڻ کان پوءِ، ۽ شقن نمبر 1، 4، 5، 10 ۽ 11 جي نفاذ سان مشروط، ٻئي ملڪ حتمي معاهدي جي ٻين نقطن تي خاص ڳالهين ۾ داخل ٿيندا.
14- حتمي معاهدو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي هڪ قرارداد ذريعي منظور ڪيو ويندو.


