فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي گروپ سي جي اهم ميچ ۾ مراڪش اسڪاٽ لينڊ کي 0-1 تان شڪست ڏئي هڪ ٻي اهم فتح حاصل ڪري ورتي جڏهن ته اداڪارا ۽ ڊانسر نورا فتحي جي به ميچ کان اڳ ڪيل اڳڪٿي درست ٿي وئي. بوسٽن ۾ کيڏيل ميچ ۾ مراکش جي ٽيم شاندار شروعات ڪئي ۽ صرف 71 سيڪنڊن ۾ برتري حاصل ڪري ورتي. ان فيصلي واري گول کانپوءِ آفريقي ٽيم سڄي ميچ دوران مضبوط دفاعي حڪمت عملي اختيار ڪئي ۽ برتري برقرار رکي. مراکش سان تعلق رکندڙ نورا فتحي ميچ دوران اسٽيڊيم ۾ موجود هئي ۽ پنهنجي ٽيم کي سپورٽ ڪندي نظر آئي. ميچ کان اڳ هن انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي ۽ اڳڪٿي ڪئي ته ميچ جو نتيجو 1-0 هوندو. هن اسٽيڊيم ۾ پنهنجي تصويرن ۽ وڊيوز ۾ مراکش جي جرسي پائي ٽيم جو جوش ۽ جذبو پڻ ڏيکاريو. انسٽاگرام تي هي پوسٽ ڏسو بعد ۾ هڪ ٻي وڊيو ۾ هن ياد ڏياريو ته ٻئي ٽيمون تقريبن 28 سالن کانپوءِ ورلڊ ڪپ ۾ ٻيهر آمهون سامهون ٿيون آهن ۽ ماضي ۾ مراڪش اسڪاٽ لينڊ کي 3-0 تان شڪست ڏني هئي. هن جي درست اڳڪٿي سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو ڌيان ڇڪايو ۽ مداحن ان کي خوش قسمت پيشنگوئي قرار ڏنو. مراکش جي هن فتح کانپوءِ ٽيم گروپ سي ۾ پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي.
Source link

فيفا ورلڊ ڪپ: اهم ميچ لاءِ نورا فتحي جون اڳڪٿيون ڌيان جو مرڪز بڻجي ويون
Leave a Comment Leave a Comment

