ڀارت ۾ پنهنجي سالگرهه ملهائڻ لاءِ سياحتي مقام تي ويندڙ 24 سالن جو نوجوان ٽريڪنگ دوران سلپ ڪري 100 فوٽ اونهي درياهه ۾ ڪري پيو.
عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ڀارتي رياست مهاراشٽرا جي 24 سالن جي نوجوان ڪيتن پنهنجي سالگرهه روايتي انداز ۾ ملهائڻ بدران قدرتي ماحول ۾ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو.
انهيءَ مقصد لاءِ هو پنهنجن ساٿين سان گڏ لوناوالا جي تاريخي لوها ڳڙهه قلعي تي ٽرڪنگ لاءِ پهتو ۽ هڪ مشڪل جاءِ تي هلندي هن جو پير لڙهي ويو. هو پنهنجو توازن برقرار نه رکي سگهيو ۽ سوين فوٽ اونهي کوٽائي ۾ ڪري پيو.
واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس، مقامي انتظاميا ۽ امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون. ڪيترن ئي ڪلاڪن جي ڪوششن بعد نوجوان کي ڳچيءَ مان ڪڍي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي.
پوليس واقعي جي شروعاتي جاچ مڪمل ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته حادثي جي وڌيڪ جاچ پڻ ڪئي پئي وڃي. ابتدائي ثبوتن جي بنياد تي اهو چئي سگهجي ٿو ته حادثو برسات سبب پيش آيو.


