پاور ڊويزن واري وزارت سولر سسٽم ۾ ترميم تحت نيپرا جو لائسنس لازمي قرار ڏئي ڇڏيو.
رپورٽ موجب وفاقي حڪومت سولر سسٽم لڳائڻ وارن سمورن صارفين لاءِ نيپرا جو لائسنس لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
ٻئي طرف ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار ۾ واڌ سبب بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ به بهتري آئي آهي ۽ لوڊشيڊنگ خساري وارن علائقن تائين محدود ٿي وئي آهي.
پاور ڊويزن جي ترجمان موجب صوبن جي مطالبي جي حساب سان ڊيمن مان اضافي پاڻي ڇڏڻ سان 5125 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي وئي، گرڊ جي استحڪام سبب ملڪ جي ڏکڻ کان مرڪز تائين 400 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي وئي.
اليڪٽرڪ ڊسٽري بيوشن ڪمپنين گذريل رات هڪ ڪلاڪ کان ٻن ڪلاڪن تائين لوڊ مئنيجمينٽ ڪيو جنهن سبب بجلي جي طلب ۾ واڌ باوجود بجلي جي فراهمي ۾ بهتري آئي.
اقتصادي لوڊ مئنيجمينٽ ملڪ ۾ وڏي نقصان واري فيڊرز تي پاليسي موجب جاري رهندي، اقتصادي لوڊ مئنيجمينٽ جو پيڪ ٽائيم لوڊ مئنيجمينٽ سان ڪو به تعلق ناهي.
ترجمان موجب ايل اين جي جي دستيابي سان پيڪ ٽائم لوڊ مينيجمينٽ به ختم ٿي ويندي، ايل اين جي جي عدم دستيابي سبب 5500 ميگاواٽ جي پاور پلانٽس مان بجلي پيدا نه ٿي رهي آهي.
پاور ڊويزن جي وضاحت
پاور ڊويزن جي ترجمان وضاحت ڪئي آهي ته نيپرا کان سولر نيٽ ميٽرنگ جي لائسنس بابت پاور ڊويزن يا وفاقي حڪومت جي ڪردار بابت غلط رپورٽنگ ڪئي وئي آهي.
هن چيو ته نيپرا جو لائسنس وٺڻ بابت ضابطا آهن جن جو تعلق ريگيوليٽر سان آهي ۽ ڊسڪوز ان ضابطن تي عمل ڪري ٿو.
ترجمان چيو ته وفاقي حڪومت جي حڪمن کي لائسنس سان منسوب ڪرڻ سراسر غلط آهي ۽ ان حوالي سان وفاقي حڪومت يا پاور ڊويزن طرفان ڪو به موقف ناهي ورتو ويو.


