وانا ۾ سڪيورٽي فورسز بروقت ڪارروائي ڪري دهشتگردي جي وڏي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


چاهيو ٿا:

سڪيورٽي فورسز پاران انٽيليجنس جي بنياد تي ڪارروائي ڪري وانا ۽ ڀرپاسي جي شهري آبادي کي وڏي امڪاني آفت کان بچائي ورتو.

لوئر ڏکڻ وزيرستان جي علائقي وانا ۾ سيڪيورٽي فورسز آپگهاتي حملي کان اڳ بارود سان ڀريل گاڏي کي تباهه ڪري ڇڏيو.

سڪيورٽي ذريعن موجب گاڏي ۾ موجود ڌماڪيدار مادو ممڪنه وڏي دهشتگردي جي حملي ۾ استعمال ٿيڻو هو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز مسلسل 3 ڏينهن تائين آپگهاتي حملي لاءِ گاڏي جي نگراني ڪئي ۽ ان کي ان وقت نشانو بڻايو جڏهن اها آبادي کان پري هئي.

سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگردي خلاف هي ڪامياب آپريشن ان ڳالهه جو واضع ثبوت آهي ته سڪيورٽي فورسز امن دشمن عنصرن خلاف سیسه پلائيندڙ آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment