بابر اعظم پي ايس ايل جي هڪ سيزن ۾ 588 رنسون اسڪور ڪرڻ جو فخر زمان جو رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو.
تفصيل موجب لاهور قلندرز جي اوپنر 2022ع ۾ 13 اننگز ۾ 588 رنسون ٺاهيون.
بابر ان اعزاز لاءِ صرف 10 اننگز کيڏي ۽ هو فائنل ميچ ۾ صرف هڪ رنسون ٺاهي نئون رڪارڊ قائم ڪري سگهي ٿو.
ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ پشاور زلمي جي ڪپتان اسلام آباد يونائيٽيڊ خلاف 59 بالن تي 12 چوڪن ۽ 4 ڇڪن جي مدد سان 103 رنسون ٺاهيون.
هو موجوده ايڊيشن ۾ ٻي سينچري اسڪور ڪندڙ پهريون بيٽسمين بڻجي ويو.
بابر 57 بالن ۾ سينچري مڪمل ڪئي جنهن سان هو ليگ ۾ 4 سينچريون اسڪور ڪرڻ جو رڪارڊ به عثمان خان جي برابر ٿي ويو.
جيتوڻيڪ بابر رن ريس ۾ پشاور زلمي جي پنهنجي ساٿي ڪوشل مينڊس کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي پر مينڊس پڻ 541 رنسون ٺاهي هڪ سيزن ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ جي رڪارڊ کان صرف 48 رنسون پري آهي ۽ سندس فارم کي ڏسجي ته اهو ڪارنامو مشڪل نظر نٿو اچي.
واضح رهي ته بابر اعظم 588 رنسون ٺاهي پهرين پوزيشن تي پهچي ويو آهي. هو 4 ڀيرا (2021، 2023، 2024 ۽ 2026) 500 کان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ وارو بيٽسمين پڻ آهي.
محمد رضوان 3 جڏهن ته فخرزمان ۽ ڪوشل مينڊس هڪ هڪ ڀيرو اهو اعزاز حاصل ڪيو آهي.


