ويسٽ انڊيز جي آل رائونڊر جسٽن گريوز پاڪستان خلاف ٽروبا ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن منفرد رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.
تفصيل موجب 32 ورهين جو گريوز ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ جو پهريون بالر بڻجي ويو آهي جنهن لڳاتار 5 ميڊن اوور ۾ وڪيٽون ورتيون.
هن 27 رنسون ڏئي پنج بالرن کي آئوٽ ڪيو جيڪو سندس ٽيسٽ ڪيريئر ۾ پهريون ڀيرو آهي جو هن هڪ اننگز ۾ پنج وڪيٽون ورتيون آهن.
پاڪستان هڪ مرحلي تي صرف ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 244 رنسون ٺاهي مضبوط پوزيشن ۾ هئي ۽ شان مسعود 109 رنسون ٺاهي نمايان رهيو.
جڏهن ته گريوز پهريان شان مسعود جي اهم وڪيٽ ورتي ۽ پوءِ ان وقفي کانپوءِ عامر جمال، علي عثمان، محمد رضوان ۽ محمد عباس کي بنا ڪنهن رنس جي آئوٽ ڪري پاڪستان جي بيٽنگ لائين کي تباهه ڪري ڇڏيو.
پاڪستان جي پوري ٽيم جيڪا مضبوط پوزيشن ۾ نظر اچي رهي هئي، پهرين اننگز ۾ 282 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي ۽ 29 رنسن تان هارائي وئي.
ميچ کانپوءِ جسٽن گريوز جو چوڻ هو ته ڪپتان رسٽن چيس کيس نظم و ضبط سان بالنگ جاري رکڻ جو مشورو ڏنو هو، جنهن جو کيس فائدو ٿيو.
ٽئين ڏينهن جي پڄاڻي تي ويسٽ انڊيز پنهنجي ٻي اننگز ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 126 رنسون ٺاهي ورتيون ۽ ان کي 155 رنسن جي مجموعي برتري حاصل هئي.


