پاڪستان انڊر 21 هاڪي ٽيم عمان جي سينيئر قومي ٽيم سان ٽيسٽ سيريز کيڏڻ لاءِ مسقط روانو ٿي وئي.
ان موقعي تي هيڊ ڪوچ اولمپين اياز محمود، ڪوچ اولمپين سمير حسين ۽ ڪوچ اظفر يعقوب به ٽيم سان گڏ هئا.
قومي انڊر 21 هاڪي ٽيم پهرين ٽيسٽ ميچ 29 جولاءِ، ٻي ٽيسٽ 31 جولاءِ، ٽين ٽيسٽ پهرين آگسٽ، چوٿين 2 آگسٽ ۽ پنجين ٽيسٽ 4 آگسٽ تي کيڏندي.
پي ايڇ ايف جي صدر محي الدين احمد واني قومي ٽيم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته عمان ٽيسٽ سيريز لاءِ قومي انڊر 21 ڪيمپ جي رانديگرن کي موڪلڻ جو مقصد سندن حوصلا افزائي ڪرڻ آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن اسان جا جونيئر رانديگر عالمي سطح تي پرڏيهي ٽيمن سان کيڏندا ته سندن مورال بلند ٿيندو.


