پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مشهور ۽ پرجوش حامي ”چاچا ڪرڪيٽ“ ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
چاچا ڪرڪيٽ جي نالي سان مشهور 77 سالن جو عبدالجليل لاهور ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽين ون ڊي ميچ آخري ڀيرو پنهنجي ملڪ ۾ ڏسندو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ چاچا ڪرڪيٽ کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ ڪيڪ ڪاٽيو.
پي سي بي طرفان ون ڊي ڪپتان شاهين شاهه آفريدي چاچا ڪرڪيٽ کي يادگاري شرٽ پيش ڪئي.
ياد رهي ته چاچا ڪرڪيٽ پهريون ڀيرو 1968-69ع ۾ لاهور جي اسٽيڊيم ۾ انگلينڊ خلاف ٽيسٽ ميچ ڏٺو هو.
بعد ۾ هو شارجه ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پاڪستاني ٽيم جي مسلسل سپورٽر طور مشهور ٿيو.
سائو لباس ۽ ٽوپي سندس نشاني بڻجي وئي، جڏهن ته هن 1999ع جي ورلڊ ڪپ دوران انگلينڊ ۾ پاڪستاني ٽيم کي سپورٽ ڪرڻ بعد عالمي شهرت حاصل ڪئي.
عبدالجليل جو چوڻ آهي ته هو هاڻي سيالڪوٽ جي ويجهو هڪ ريسٽورنٽ ۽ ميوزيم قائم ڪرڻ چاهي ٿو جتي هو پنهنجي ڪرڪيٽ جون يادگار شيون رکندو.
هن چيو ته هن پاڪستان جي 500 ميچن ۾ ٽيم کي حوصلا افزائي جو ٽارگيٽ پورو ڪيو آهي.
چاچا ڪرڪيٽ پاڪستان جي ڪيترن ئي تاريخي فتوحات جي شاهدي ڏني، جن ۾ 1986 ۾ جاويد ميانداد جي آخري بال تي ڇڪو ۽ 2017 جي چيمپئنز ٽرافي فائنل شامل آهن.
هوڏانهن گذريل ڪجهه سالن ۾ قومي ٽيم جي خراب ڪارڪردگيءَ تي به هو مايوسي جو شڪار آهي، پر پوءِ به اميد آهي ته پاڪستاني ٽيم ٻيهر ڪاميابي جي راهه تي گامزن ٿيندي.


