لاهور ۾ پي سي بي ليول 2 ڪوچنگ ڪورس شروع ڪري ڇڏيو.
تفصيل موجب ٽيسٽ ڪرڪيٽر فخر زمان سميت 29 رانديگر ان ڪورس جو حصو آهن.
نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ ڪوچ شاهد اسلم جي نگراني ۾ هلندڙ ڇهن ڏينهن واري ڪورس ۾ فخر زمان، آصف آفريدي، عثمان خان شنواري، حسين طلعت به شامل آهن.
ڪورس ۾ راندين جي نفسيات، ڪميونيڪيشن اسڪلز ۽ ايٿليٽ مئنيجمينٽ، جديد ڪوچنگ فلاسافي ۽ جديد بيٽنگ ٽيڪنڪس تي ليڪچر ڏنا ويندا.
رانديگرن جي ذهني ۽ جسماني تندرستي بابت تربيت پڻ ڪورس جو حصو هوندي.


