نشتر روڊ پراپرٽي ڪيس: سنڌ هاءِ ڪورٽ ايويڪيو ٽرسٽ پراپرٽي بورڊ جو 2001 جو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڪراچي:

سنڌ هاءِ ڪورٽ نشتر روڊ تي قائم ملڪيت کي وقف ملڪيت قرار ڏيڻ خلاف داخل درخواست تي چيئرمين متروڪا وقف ملڪيت بورڊ جو 2001ع وارو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نشتر روڊ تي قائم ملڪيت کي وقف ملڪيت قرار ڏيڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي.

درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته نشتر روڊ تي ملڪيت 1959ع ۾ خريد ڪئي وئي، مالڪ جي وفات بعد ملڪيت وارثن حوالي ڪئي وئي. وارثن انتظاميا کي خط ڏنو پر زمين تان قبضو ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو.

درخواستگذار چيو ته لاڳاپيل اختيارين موجب ملڪيت کي لاوارث وقف ملڪيت قرار ڏنو ويو آهي. چيئرمين متوڪا وقف امالڪ بورڊ متاثر ڌر کي ٻڌڻ کانسواءِ ئي حڪم جاري ڪري ڇڏيا.

پبلڪ پراسيڪيوٽر موقف اختيار ڪيو ته 2001ع جي حڪمن کي 22 سالن کانپوءِ چئلينج نٿو ڪري سگهجي.

عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته چيئرمين متروڪه ملڪيت بورڊ کي ملڪيت بابت فيصلو ڪرڻ جو اختيار آهي پر ڪنهن به متاثر جو حق ٻڌڻ کانسواءِ فيصلو نٿو ڪري سگهجي. 1 جنوري، 1957 تي ختم ٿيل وقف ملڪيت ايڪٽ تحت ملڪيتن جي تعين جي تاريخ هئي.

درخواستگذار جي ملڪيت بابت فيصلو 2001ع ۾ ڪيو ويو.

عدالت متوڪا وقف امالڪ بورڊ جي چيئرمين جو 2001ع وارو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته متاثر ڌر کي ٻڌڻ کانسواءِ ملڪيت کي متروڪ وقف ملڪيت قرار ڏيڻ خلاف قانون آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment