پنجاب پوليس اختيارين جو غلط استعمال ڪندي شهري جي موبائل ايپ تان رقم منتقل ڪري فرار ٿيڻ واري اهلڪار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
تفصيل موجب مصري شاهه ٿاڻي جي پوليس موبائل ايپ ذريعي رقم منتقل ڪري فرار ٿي ويل اهلڪار کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس موجب وردي پوش اهلڪار 25 هزار رقم سندس اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي ۽ رقم ادا ڪرڻ کانسواءِ وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي شهري پوليس هيلپ لائن تي شڪايت داخل ڪرائي.
ايس پي سٽي عاطف امير چيو ته جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پوليس يونيفارم عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت جو ضامن آهي، اختيارن جو غلط استعمال ۽ کاتي جي بدنامي ڪندڙ عنصر ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن.


