ٽرمپ کي يهودي عوام جي تحفظ ۽ خدمت لاءِ اسرائيلي انعام سان نوازيو ويو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


صهيوني رياست آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي يهودي عوام جي لاءِ سندس خاص خدمتن جي اعتراف ۾ ملڪ جي اعليٰ ترين اعزاز اسرائيل پرائز سان نوازيو آهي.

عالمي خابرو اداري موجب هي ايوارڊ اسرائيل جي آزادي واري ڏهاڙي جي سالياني جشن جي موقعي تي ڏنو ويو جيڪو يروشلم ۾ منعقد ڪيو ويو.

ياد رهي ته اسرائيلي تعليم واري وزير يوه ڪاسيچ گذريل سال ڊسمبر ۾ اعلان ڪيو هو ته ڊونلڊ ٽرمپ کي ان اعزاز لاءِ چونڊيو ويو آهي.

تقريب دوران آمريڪي صدر ٽرمپ جي ٻنهي صدارتي دورن ۾ اسرائيل جي حق ۾ کنيل قدمن تي مشتمل هڪ خاص وڊيو پڻ ڏيکاري وئي.

ان ۾ عرب ملڪن سان تاريخي 2020 ابراھيم اڪارڊس جي اعلان، اسرائيلي پارليامينٽ ۾ سندس تقرير ۽ اسرائيلي وزير اعظم نتنياهو سان سالن دوران ملاقاتون شامل آھن.

تعليم واري وزير هڪ وڊيو بيان ۾ چيو ته هن وقت آمريڪي صدر ٽرمپ کانسواءِ ٻئي ڪنهن به شخص جون اهڙيون شاندار خدمتون ۽ يهودي عوام سان ايترو مضبوط لاڳاپو ناهي.

اسرائيلي ميڊيا موجب آمريڪي صدر ٽرمپ ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ اسرائيل جو دورو ڪندو، جتي کيس هڪ خاص تقريب ۾ باضابطا طور تي اهو اعزاز پيش ڪيو ويندو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment