ڪراچي ۾ مبينا طور منشيات وڪرو ڪندڙ انمول عرف پنڪي جو اڳوڻو آڊيو سامهون اچي ويو آهي.
تفصيل موجب ڪراچي جي علائقي گارڊن مان گرفتار ڪيل انمول عرف پنڪي جا پراڻا آڊيو ليڪ ٿيا آهن، جنهن ۾ هوءَ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي کليل چئلينج ڪري رهي آهي.
مبينا آڊيو ۾ پنڪي دعويٰ ڪئي ته ”مان سڄي ڪراچي ۾ محنت ڪري رهي آهيان، رک اسڪو کان روڪي لو“.
مبينا آڊيو ۾، انمول عرف پنڪي پاڻ کي ”برانڊ“ سڏيندي آفيسرن کي طعنو ڏنو ۽ منشيات جي فراهمي کي ”گولڊن اسٽاڪ“ پڻ چيو.
آڊيو ۾ پنڪي چيو ته پنج، ست، اٺ سال گذري ويا پر ڪير به نه پيو پڪڙي.


