انڊر 18 نيشنل هاڪي چيمپيئن شپ 2026 جي پنجين ڏينهن چار ميچ کيڏيا ويا.

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



پاڪستان هاڪي فيڊريشن پاران 9 کان 19 اپريل تائين اسلام آباد جي نصير بندا هاڪي اسٽيڊيم ۾ جاري يوٿ انڊر 18 نيشنل هاڪي چيمپيئن شپ 2026 جي پنجين ڏينهن 4 ميچون کيڏيون ويون. پهرين ميچ پاڪ ڪسٽمز ۽ گلگت بلتستان وچ ۾ کيڏي وئي. جيڪا پاڪ ڪسٽم 0-15 تان کٽي ورتي. حسن ۽ عثمان 3-3، عمر، عديل، ارمان 2-2، شاويز خاور، حسن ۽ يحيٰ هڪ هڪ گول ڪيو. ٻي ميچ ڪي پي ڪي 1 سنڌ 2 وچ ۾ کيڏي وئي، جيڪا ڪي پي ڪي 1 0-4 تان کٽي ورتي. ڪي پي ڪي 1 طرفان شجيل، عباس، عزير ۽ شاهه مير هڪ هڪ گول ڪيو. ٽيون ميچ پنجاب 4 ۽ ڪي پي ڪي 2 وچ ۾ کيڏيو ويو جنهن ۾ پنجاب 4 1-5 تان ڪاميابي حاصل ڪئي. پنجاب 4 طرفان عبدالله ٻه، علي اڪبر، احمد نور ۽ حامد علي هڪ هڪ گول ڪيو. ڪي پي ڪي 2 طرفان واحد گول اويس اسڪور ڪيو، چوٿين ميچ پنجاب 1 ۽ بلوچستان وچ ۾ کيڏي وئي. جنهن ۾ پنجاب 0-1 تان ڪاميابي حاصل ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي صدر محي الدين احمد واني، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر آءِ بي سي سي ڊاڪٽر غلام علي ملاح، ڊي جي پاڪستان اسپورٽس بورڊ ياسر پيرزادو، ڊپٽي ڊي جي شاهد الاسلام، پي ايڇ ايف جي سليڪشن ڪميٽي ميمبر اولمپين نعيم اختر، چيف ڪوآرڊينيٽر محمد جنيد نصير، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عبدالخبير، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عبدالناصر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ٽورنامينٽ ڊائريڪٽر شفيق ڀٽي، محمود احمد، ايمپائر مئنيجر سهيل اڪرم جنجوعه. ان موقعي تي ڪوآرڊينيٽر خاور جاويد، ميڊيا ڪوآرڊينيٽر محمد وقاص شيخ، آفيسرن ۽ هاڪي جي مداحن جو وڏو انگ موجود هو. ايونٽ 9 اپريل کان 19 اپريل تائين ٿيندو، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان 16 ٽيمون ٽائيٽل لاءِ آمهون سامهون ٿينديون.



Source link

Share This Article
Leave a Comment