آبنائے هرمز کي بند ڪرڻ جو اعلان ان اعلان جي 24 ڪلاڪن کانپوءِ ئي ڪيو ويو آهي، جنهن سبب صورتحال غير يقيني بڻيل آهي.
عالمي خابرو اداري موجب ايران پاران آبنائي هرمز کي عارضي طور تي کولڻ دوران ڇنڇر جي صبح گهٽ ۾ گهٽ 8 تيل ۽ گئس جا ٽينڪر ان اهم آبي گذرگاهه تان گذريا.
ٽريڪنگ پليٽ فارم مئرين ٽريفڪ پڻ ٻڌايو ته ڪجهه وڌيڪ خام تيل جا ٽينڪر به ايران جي لاڙڪ ٻيٽ جي ويجهو آبنائے هرمز ۾ هئا.
هي اهو هنڌ آهي جتان خليج مان نڪرندڙ جهازن کي ايراني نگرانيءَ مان گذرڻو پوندو آهي، خاص ڪري جڏهن ته ايران جنگ جي ڪري رستي تي ڪنٽرول سخت ڪيو آهي.
ايران طرفان هن سامونڊي رستي جي بندش سبب سوين جهاز خليج ۾ ڦاٿل هئا ۽ سامان کڻڻ مهانگو ٿي ويو. بحري جهازن حملن يا بارودي سرنگن جي خطري جي ڪري علائقي ڏانهن سفر ڪرڻ کان پاسو ڪيو.
ڪالهه ئي ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي اعلان ڪيو ته آبنائے هرمز کي تمام تجارتي جهازن لاءِ کوليو پيو وڃي. جنهن تي صدر ٽرمپ شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته اڄوڪو ڏينهن شاندار آهي.
پر اڄ ايران جي پاسداران انقلاب طرفان آبنائے هرمز کي ٻيهر بند ڪرڻ جو اعلان ڪندي آبنائے هرمز جي صورتحال هڪ ڀيرو ٻيهر غير واضح ۽ پيچيده ٿي وئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته آبنائے هرمز واپس پنهنجي پراڻي حالت ۾ اچي ويو آهي ۽ هاڻي مڪمل طور تي ايراني هٿياربند فوجن جو ڪنٽرول آهي.
سرڪاري نشرياتي اداري موجب ايراني ڪمانڊ آمريڪا تي نام نهاد ناڪابندي جي آڙ ۾ بحري قزاقي جو الزام لڳائيندي چيو ته آبنائي هرمز اسان جي قبضي ۾ رهندو جيستائين آمريڪا ايراني بندرگاهن کان ايندڙ جهازن جي بندش ختم نه ڪندو.


