ڪراچي؛ پوليس حساس ادارن جا اهلڪار بڻجي فراڊ ۾ ملوث 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) ڪراچي ۾ ڪارروائي دوران پوليس ۽ حساس ادارن جي آفيسرن پاران فون ڪالز ذريعي شهرين کان فراڊ ڪندڙ 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. اين سي سي آءِ اي اختيارين موجب شهر جي قائد آباد واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران شهرين کي ٻوڙيندڙ 3 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته گرفتار جوابدار پوليس ۽ حساس ادارن جا آفيسر ظاهر ڪري شهرين سان فراڊ ۾ ملوث آهن. اين سي سي آءِ اي جو چوڻ هو ته جوابدار وڏي مقدار ۾ مختلف سامان آرڊر ڪري رقم وصول ڪرڻ ۽ رقم جي عدم ادائيگي ۾ به ملوث آهن، ٽولي مختلف سمن تان ڪالز ذريعي شهرين کي ڪروڙين رپين کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. اين سي سي آءِ اي موجب، محمد حسن ۽ نصير احمد هڪ سيلولر ڪمپني جي فرنچائزي گروپ جي سرغنه ابوبڪر کي سمن جي فراهمي ۾ ملوث هئا. بيان ۾ چيو ويو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment