منشيات فروش پنڪي جي طبي معائني جي رپورٽ اڄ عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي:

منشيات فروش پنڪي جي طبي معائني جي رپورٽ اڄ عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي.

بين الصوبائي منشيات فروش گينگ جو سربراهه انمول عرف پنڪي اڄ سٽي ڪورٽ ۾ پيش ٿيندو. جوابدار انمول عرف پنڪي کي اڄ جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، جتي پوليس پاران جوابدار جي وڌيڪ جسماني رمانڊ لاءِ درخواست داخل ڪرڻ جو امڪان آهي.

پوليس اختيارين طرفان جوابدار جي طبي معائني جي رپورٽ به عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪيس جي اڳڀرائي رپورٽ به عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي.

جوابدار انمول عرف پنڪي کي 4 مختلف ڪيسن ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

پوليس موجب جوابدار بغدادي ٿاڻي ۾ داخل قتل ڪيس، درخشان ٿاڻي ۾ منشيات جو ڪيس ۽ گارڊن ٿاڻي ۾ منشيات ۽ هٿيارن جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment