ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي اسلام آباد کان عمان روانو ٿي ويو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



پاڪستان جو دورو ڪندڙ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪرڻ بعد مسقط روانو ٿي ويو. ذريعن ايڪسپريس نيوز کي ٻڌايو ته ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ سندس وفد نور خان ايئربيس تان روانو ٿي ويو. ان موقعي تي پاڪستاني اعليٰ عملدارن، ايراني سفير ۽ ايراني سفارتخاني جي عملدارن وفد کي الوداع ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايراني پرڏيهي وزير عمان جي راڄڌاني مسقط کانپوءِ ماسڪو جو دورو ڪندو، جتي روسي عملدارن سان ملاقاتون متوقع آهن. ان کان اڳ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي وفد سان گڏ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ملاقات کانپوءِ جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسلام آباد ۾ ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ سندس وفد سان ملاقات ڪري خوشي ٿي. هن چيو ته ملاقات ۾ انتهائي خوشگوار ۽ دوستانه ماحول ۾ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان دوران خطي ۾ جاري پيش رفت تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ سفارتي لاڳاپن جي فروغ لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment