وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جي دوري تي جده پهچي ويو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽن ملڪي دوري جي پهرين مرحلي ۾ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ سعودي عرب جي شهر جده پهچي ويو. وزيراعظم شهباز شريف جڏهن وفد سان گڏ جده پهتو ته ڊپٽي گورنر مڪي ريجن سعود بن مشعل بن عبدالعزيز، پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي ۽ سعودي عرب ۾ پاڪستاني سفير احمد فاروق ايئرپورٽ تي سندس شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم سان گڏ شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جو خاص مددگار طارق فاطمي ۽ وزيراعظم جو پرڏيهي ميڊيا جو ترجمان مشرف زيدي به جده پهتو آهي. جده ۾ وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود سان ٻه طرفي ملاقاتون ڪندو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. ان کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف قطر جو دورو ڪندو ۽ 17 اپريل تي ترڪي ويندو جتي هو انتاليا ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment