ايشين بيچ گيمز ۾ پاڪستاني ٽيم جي اڳواڻي ڪندڙ ثنا علي وطن پهچي وئي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



بين الاقوامي مقابلن ۾ سنڌ جي پهرين عورت چيف ڊي مشن ثنا علي ڇهين ايشين بيچ گيمز ۾ پاڪستاني ٽيم جي ڪاميابيءَ سان قيادت ڪندي وطن پهچي وئي. ڪراچي ايئرپورٽ تي ثناءَ علي جو شاندار استقبال ڪيو ويو، سنڌ اولمپڪ ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري ۽ ٻين عهديدارن ثنا علي جو شاندار استقبال ڪيو ۽ گلن جي ورکا ڪري کيس گلدستا پيش ڪيا. ثنا علي جي قائداڻي صلاحيتن ۽ عالمي سطح تي شاندار نمائندگيءَ کي ساراهيو ويو ۽ سندس مقرري کي سنڌ ۽ پاڪستان لاءِ تاريخي ۽ فخر جوڳو سنگ ميل قرار ڏنو ويو. واضح رهي ته پاڪستان چين جي شهر سانا ۾ منعقد 6هين ايشين بيچ گيمز ۾ ڪبڊي ۾ ٻه چاندي ۽ هڪ برونز ميڊل کٽيو هو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment