وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين خان عدالتي ملازمن جي الائونس ۾ وڏي واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين خان جي منظوري سان هڪ آفيس آرڊر جاري ڪيو ويو، جنهن موجب ملازمن جي عدالتي ۽ يوٽيلٽي الائونس کي موجوده بنيادي پگهار جو 50 سيڪڙو تائين وڌايو ويو آهي. فرمان موجب نوان الائونس وفاقي آئيني عدالت جي سمورن ملازمن تي فوري طور لاڳو ٿيندا، جڏهن ته غير معمولي موڪلن دوران اضافي الائونس نه ڏنا ويندا. ايڊيشنل رجسٽرار انتظاميه هڪ باضابطه آفيس آرڊر جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته خرچ عدالت جي مالي سال 26-2025 لاءِ مختص ڪيل بجيٽ مان پورا ڪيا ويندا.
Source link

وفاقي آئيني عدالت جي ملازمن لاءِ وڏي خبر، الائونس ۾ وڏو اضافو
Leave a Comment Leave a Comment

