بنگلاديش خلاف پهرين ميچ ۾ شڪست کانپوءِ پاڪستان آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ مان ٻاهر ٿي ويو.
تفصيل موجب بنگلاديش 44.44 سيڪڙو پوائنٽس سان پاڪستان کي پوئتي ڇڏي ڇهين پوزيشن حاصل ڪئي.
پاڪستاني ٽيم 33.33 سيڪڙو سان ستين نمبر تي اچي وئي.
آسٽريليا 87.50٪ سان مٿي آهي. نيوزيلينڊ 77.78 سيڪڙو سان ٻئي ۽ ڏکڻ آفريڪا 75 سيڪڙو سان ٽئين نمبر تي آهي.
سريلنڪا 66.67 سيڪڙو سان چوٿين نمبر تي ۽ ڀارت 48.15 سيڪڙو سان پنجين نمبر تي آهي.


