افغان طالبان جي فورسز خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڏکڻ وزيرستان جي علائقي انگور اڊا ۾ شهري آبادي تي بزدلاڻو حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت ۽ 4 ٻار زخمي ٿي پيا، جڏهن ته پاڪ فوج جوابي ڪارروائي ڪندي طالبان جي ڪيترن ئي پوسٽن کي نشانو بڻايو.
سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته بزدل افغان طالبان حڪومت انگور اڊه جي ڀرسان سرحدي علائقن ۾ پاڪستان جي شهري آبادي تي شيلنگ ڪئي.
سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته افغان طالبان جي شهري آبادي تي بنا جواز فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 ٻارڙا ۽ هڪ عورت سخت زخمي ٿي پيا.
طالبان جي حملن جي حوالي سان سڪيورٽي ذريعن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ساڳئي علائقي ۾ افغانستان کان بنا جواز فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا.
سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته افغان طالبان ۽ ان سان لاڳاپيل خوارج دهشتگرد ناپاڪ ارادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ مسلسل عام ماڻهن کي نشانو بڻائي رهيا آهن.
سڪيورٽي ذريعن موجب، بنا جواز جارحيت جي جواب ۾ پاڪ فوج سرحد تي افغان طالبان جي ڪيترن ئي پوسٽن کي نشانو بڻايو ۽ پاڪ فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائي سبب بزدل افغان طالبان اهلڪار پوسٽون ڇڏي ڀڄي ويا.
سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته افغان طالبان حڪومت پاڪستان ۾ شهري آبادي کي مسلسل نشانو بڻائي رهي آهي، جڏهن ته پاڪ فوج افغان طالبان جي جارحيت جو جواب ڏيندي رڳو فوجي هدفن کي نشانو بڻائي رهي آهي.
سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته آپريشن خدابخلالحق جاري رهندو جيستائين سمورا هدف حاصل نه ڪيا ويندا.


