مشهور وي-لاگر جي اڳوڻي زال ايمان فاطمه ٿوري ئي عرصي ۾ سوشل ميڊيا تي هڪ متاثر ڪندڙ جي حيثيت سان هڪ نئون سنگ ميل عبور ڪري ورتو آهي.
ايمان فاطمه سماجي رابطن واري ويب سائيٽ انسٽاگرام تي اها خبر بريڪ ڪندي چيو ته هن هڪ ملين فالوورز جو سنگ ميل عبور ڪري ورتو آهي.
رجب بٽ سان بريڪ اپ ٿيڻ کانپوءِ ايمان فاطمه سوشل ميڊيا تي ڌيان ڏنو ۽ تازو ئي هڪ ڪمرشل شوٽ ڪيو.
ايمان فاطمه کي 10 لک فالوورز تائين پهچڻ کانپوءِ صارفين طرفان مليل ردعمل کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته هوءَ پاڻ به ان ڪاميابي تي تمام گهڻي خوش نظر اچي رهي آهي.
اڪثر صارفين ايمان فاطمه کي ان ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني ۽ سندس تيزي سان وڌندڙ مقبوليت کي ساراهيو. مداحن جو چوڻ آهي ته هن مختصر عرصي ۾ پنهنجي منفرد وڊيوز ۽ مسلسل سرگرميءَ سبب ماڻهن جي وڏي انگ جو ڌيان ڇڪايو آهي.
ٻئي طرف سوشل ميڊيا تي ڪجهه صارفين تنقيدي تبصرا پڻ ڪيا ۽ دعويٰ ڪئي ته ايمان فاطمه جي فالورز ۾ واڌ جو هڪ وڏو سبب سندس يوٽيوب رجب بٽ سان وابستگي آهي.
ڪجهه صارفين طنزيه انداز ۾ تبصرو ڪيو ته سوشل ميڊيا تي تڪرار ۽ مشهور شخصيتن سان وابستگي اڪثر ڪري پوئلڳن ۾ واڌ جو سبب بڻجندي آهي.
جڏهن ته ڪيترن ئي صارفين انهن تنقيدي تبصرن کي غير ضروري قرار ڏيندي چيو ته هر تخليقڪار پنهنجي محنت ۽ مواد جي بنياد تي ڪاميابي حاصل ڪندو آهي ۽ ڪنهن جي ڪاميابي کي صرف هڪ شخصيت سان منسوب ڪرڻ درست ناهي.

ايمان فاطمه جي انهن تبصرن تي اڃا تائين ڪو به باضابطه جواب نه آيو آهي پر سوشل ميڊيا تي سندس مداح مسلسل کيس مبارڪون ڏئي رهيا آهن.


