ترڪ پرڏيهي وزير چيو آهي ته اسرائيل، قبرص ۽ يونان جو اتحاد خطي لاءِ پريشاني جو سبب آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب ترڪي جي پرڏيهي وزير هاکان فيدان چيو آهي ته اهو نه رڳو ترڪي پر خطي جي سمورن مسلمان ملڪن لاءِ پريشاني جو باعث آهي. اسرائيل جي توسيع پسند ۽ جارحاڻي پاليسين تي سوال اٿاريا پيا وڃن.
هن چيو ته ترڪي بنا ڪنهن سبب جي خوف پيدا نه ڪري رهيو آهي، زميني حقيقتون آهن. ترڪي پاڻ کي بچائڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو.
پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته خطي جا ڪمزور ملڪ هن فوجي اتحاد کي ڳڻتي جي نظر سان ڏسي رهيا آهن. اسرائيل ڏکڻ قبرص سان گڏ مسلمان ملڪن خلاف فوجي اتحاد قائم ڪيو آهي. ترڪي اهڙا قدم نه کڻي رهيو آهي پر خطي ۾ تڪرار ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.


