سون اڄ سستو ٿيو. قيمت ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن تائين گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڪراچي:

عالمي ۽ مقامي منڊي ۾ اڄ سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

آمريڪا-ايران جنگ جي ڇڪتاڻ، خام تيل جي عالمي قيمتن ۾ واڌ سبب مهانگائي جو خدشو ۽ سود جي شرح بلند سطح تي رهڻ جي خطرن سون ۽ چاندي جي قيمتن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي.

وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ عالمي مهانگائي جي خدشي سبب عالمي ۽ مقامي سطح تي سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان برقرار آهي.

اڄ ڇنڇر ڏينهن عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سون جو في تولو اگهه 6 ڊالرن جي گهٽتائي سان 4 هزار 539 ڊالرن جي سطح تي اچي ويو آهي ۽ اهڙي طرح مقامي صرافه مارڪيٽن ۾ سون جو في تولو اگهه 600 رپين جي گهٽتائي سان 4 لک 76 هزار 262 رپين جي سطح تي پهچي ويو آهي.

هوڏانهن مقامي سطح تي سون جو في 10 گرام اگهه 515 رپيا گهٽتائي سان 4 لک 8 هزار 317 رپيا ٿي ويو آهي.

اهڙي طرح عالمي مارڪيٽ ۾ چاندي جو في اونس اگهه 1 ڊالر 59 سينٽ جي گهٽتائي سان 75 ڊالر 89 سينٽس، مقامي صرافه مارڪيٽن ۾ چاندي جو في تولو اگهه 159 رپيا 8 هزار 73 رپيا ۽ في 10 گرام چاندي جو اگهه 136 رپيا 216 رپيا گهٽتائي سان ٿي ويو آهي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن عالمي ۽ مقامي منڊي ۾ سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ اوچتو گهٽتائي ٿي هئي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment