ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته نئين مالي سال جي بجيٽ تحت پاڪستان جي معاشي بنيادن ۾ نمايان بهتري آئي آهي ۽ مالياتي استحڪام کي مضبوط ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان ايس اينڊ پي گلوبل ريٽنگز جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اقتصادي صورتحال، ڪريڊٽ پروفائل ۽ سڌارن واري ايجنڊا تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته معاشي سڌارن ۽ موثر اقتصادي پاليسين سبب پاڪستان جي معاشي ڪارڪردگي مسلسل بهتر ٿي رهي آهي. S&P گلوبل ريٽنگز پاڪستان جي معاشي سڌارن، مالياتي نظم و ضبط، قرضن جي استحڪام ۽ معاشي استحڪام لاءِ حڪومت جي عزم جي واکاڻ ڪئي. ناڻي واري وزير وفد کي ٻڌايو ته مالي سال 27-2026ع جي بجيٽ تحت پاڪستان جي معاشي بنيادن ۾ نمايان بهتري آئي آهي. هن چيو ته مهانگائي ۾ گهٽتائي، پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ واڌ، مضبوط پرڏيهي شعبي ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ واڌ سبب معاشي استحڪام آيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته گهٽ مالي خساري، رڪارڊ پرائمري سرپلس ۽ قرضن جي بهتر انتظامن سبب مالياتي استحڪام کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو آهي. وفد کي ٽيڪس، توانائي، سرڪاري ادارن، نجڪاري، گورننس ۽ فنانشل مئنيجمينٽ ۾ جاري سڌارن بابت آگاهه ڪيو ويو ۽ ٻڌايو ويو ته مسلسل معاشي سڌارن ۽ مالياتي نظم و ضبط سان پاڪستان جي معيشت ۽ عالمي اعتماد ٻئي مضبوط ٿي رهيا آهن.
Source link

نئين مالي سال جي بجيٽ تحت معاشي اشارن ۾ نمايان بهتري آئي آهي، ناڻي واري وزير
Leave a Comment Leave a Comment

