عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي باوجود حڪومت عوام کي رليف نه ڏنو پر ان جي ابتڙ ليوي وڌائي ڇڏيو آهي.
وفاقي حڪومت پاران پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جا اگهه برقرار رکڻ جي فيصلي کانپوءِ پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ طرفان سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي شيئر ڪيل ڊيٽا ان فيصلي تي نئين بحث کي جنم ڏئي ڇڏيو آهي.
پيٽروليم واري وزير پاران جاري ڪيل تصوير ۾ عالمي منڊي ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي به نظر اچي رهي آهي پر ان باوجود قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو فائدو صارفين کي نه ڏنو ويو آهي.
عام معلومات لاءِ: مھرباني ڪري ھن ھفتي لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جون بين الاقوامي پليٽون قيمتون ڏسو. حڪومت نه ته ڪنهن شعبي کي اوليت ڏئي رهي آهي ۽ نه ئي ڪنهن ٻئي تي غير ضروري بار وجهي رهي آهي. حڪومت، پنهنجي بين الاقوامي ذميدارين جي دائري ۾، صارفين کي ڪنهن به فائدي ۾ واڌارو ڪندي … pic.twitter.com/NPtvwY6cgr
علي پرويز ملڪ (@AliPervaiz450) 27 جون 2026
پيٽروليم واري وزير پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جو اگهه 22 جون تي 98.35 ڊالر في بيرل هو، جيڪو 4 ڏينهن ۾ 6.67 ڊالر گهٽجي 26 جون تي 91.68 ڊالر في بيرل ٿي ويو.
اهڙي طرح هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 22 جون تي 109.09 ڊالر في بيرل کان گهٽجي 26 جون تي 104.79 ڊالر في بيرل ٿي وئي.
وفاقي وزير علي پرويز ملڪ پنهنجي بيان ۾ چيو ته حڪومت نه ته ڪنهن هڪ شعبي کي اوليت ڏئي رهي آهي ۽ نه ئي ڪنهن ٻئي تي غير ضروري بار وجهي رهي آهي. حڪومت پنهنجي عالمي ذميوارين جي حدن ۾ رهندي صارفين کي هر ممڪن فائدا فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.
هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي دور ۾ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 200 رپيا في ليٽر جڏهن ته پيٽرول جي قيمت ۾ 155 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي.
پيٽروليم واري وزير اهو به چيو ته هن هفتي عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جي قيمت 98.35 کان 91.68 ڊالر في بيرل ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي پليٽ جو اگهه 109.09 کان 104.79 ڊالر في بيرل جي وچ ۾ رهيو.
ٻئي طرف پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن موجب حڪومت پيٽروليم ليوي ۾ به واڌ ڪري ڇڏي آهي. ڊيزل تي ليوي 6 رپيا 57 پئسا في ليٽر وڌائي 79 رپيا 54 پيسا في ليٽر جڏهن ته پيٽرول تي ليوي 39 پئسا وڌائي 66 رپيا 64 پئسا في ليٽر ڪئي وئي آهي. گاسليٽ تي ليوي 20 رپيا 36 پئسا في ليٽر برقرار رکي وئي آهي.
اهڙي طرح حڪومت ڪمرشل جهازن ۾ استعمال ٿيندڙ جيٽ فيول جي قيمت ۾ به 7 رپيا 15 پئسا في ليٽر گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 231 رپيا 72 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب جيٽ فيول جي قيمت ۾ گهٽتائي سان ايئرلائنز جي فيول جي قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي، جڏهن ته وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ کان اڳ جيٽ فيول جي قيمت 188 رپيا في ليٽر جي لڳ ڀڳ هئي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن حڪومت عالمي منڊي ۾ قيمتن ۾ گهٽتائي باوجود پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمتن ۾ متناسب گهٽتائي بدران هڪ هفتي لاءِ موجوده قيمتون برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو هو.
سرڪاري نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت 299 رپيا 50 پيسا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 311 رپيا 47 پيسا في ليٽر برقرار رکي وئي آهي، جڏهن ته گاسليٽ جي تيل جي قيمت ۾ 6 رپيا 85 پيسا في ليٽر گهٽتائي ۽ نئين قيمت 227 رپيا 5 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
ساڳئي فيصلي سان گڏ پيٽرول ۽ ڊيزل تي به پيٽروليم ليوي وڌائي وئي، جنهن سبب عالمي قيمتن ۾ گهٽتائي جو پورو پورو فائدو عوام تائين نه پهچي سگهيو.


