حڪومت جو ايئر لائنز لاءِ وڏو رليف، جيٽ فيول جي قيمت ۾ گهٽتائي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


حڪومت جيٽ فيول جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪندي ايئر لائنز لاءِ وڏي رليف جو اعلان ڪيو آهي.

پاڪستاني ايئر لائنز ۽ هوائي جهازن جي ڪمپنين لاءِ وڏي خوشخبري سامهون آئي آهي جتي حڪومت جيٽ فيول جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي ڪري هوابازي شعبي کي وڏو رليف ڏنو آهي.

ذريعن موجب وڏن جهازن جي استعمال لاءِ جيٽ فيول جي قيمت ۾ 48 رپيا 80 پيسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ جيٽ فيول جي نئين قيمت 283 رپيا 52 پيسا في ليٽر ٿي وئي آهي.

جيٽ فيول جي اگهن ۾ گهٽتائي کانپوءِ ملڪ ۾ ايئر لائنز جي ڀاڙن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.

اختيارين جو چوڻ آهي ته حڪومت هن وقت تائين جيٽ فيول جي ڪل قيمت ۾ 283 رپيا گهٽتائي ڪئي آهي.

ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته جنگي صورتحال کي نظر ۾ رکندي جيٽ فيول جي قيمت رڪارڊ واڌ کانپوءِ 517 رپيا في ليٽر تي پهچي وئي آهي، جڏهن ته وچ اوڀر ۾ جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ 28 فيبروري تي جيٽ فيول جي قيمت 188 رپيا في ليٽر هئي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment