حڪومت گاسليٽ جي قيمت ۾ 6 رپيا 85 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي. آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب گاسليٽ جي نئين قيمت 227 رپيا 5 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ان کان اڳ گاسليٽ جو اگهه 233 رپيا 90 پيسا في ليٽر هو. ٻئي طرف حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ياد رهي ته گذريل هفتي حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي هئي، جنهن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 2 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي هئي. هاڻي حڪومت ساڳيو ئي اگهه برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
Source link

گاسليٽ جي قيمت ۾ وڏي گهٽتائي، نئين قيمت جو نوٽيفڪيشن جاري
Leave a Comment Leave a Comment

