پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ 40.5 ملين يورو جي فني تعاون جي معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون.
اقتصادي معاملن واري وزارت موجب معاهدي تحت جرمن ڊولپمينٽ بئنڪ (ڪي ايف ڊبليو) جي سهڪار سان 9 نوان ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويندا.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته معاهدي تي صحيحون پاڪستان حڪومت طرفان اقتصادي معاملن جي سيڪريٽري محمد حمير ڪريم ۽ جرمن حڪومت طرفان سفير اينا ليپيل.
اقتصادي معاملن واري وزارت موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي اقتصادي معاملن واري سيڪريٽري محمد حمير ڪريم جرمن حڪومت ۽ ڪي ايف ڊبليو جي مسلسل سهڪار کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ 1961ع کان گڏيل اعتماد ۽ تعاون تي ٻڌل مضبوط ۽ پائيدار ترقياتي ڀائيواري آهي.
هن چيو ته ان معاهدي سان ٻه طرفي ترقياتي پورٽ فوليو 550 ملين يورو تائين پهچي ويو آهي.
جرمن سفير اينا ليپيل چيو ته جرمني پاڪستان سان پنهنجي ڊگهي پارٽنرشپ کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پائيدار ۽ جامع ترقي جي فروغ لاءِ سهڪار جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ اهو معاهدو ٻنهي ملڪن جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.
هن چيو ته عملي تعاون ۽ گڏيل قدمن جي ذريعي عالمي چئلينجز جهڙوڪ موسمياتي تبديلي، توانائي جي منتقلي ۽ سماجي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ معاهدي تحت شروع ڪيل منصوبا پاڪستان جي سمورين برادرين کي بامعني فائدا فراهم ڪندا.


