لاهور:
وفاقي حڪومت ننڍن دڪاندارن لاءِ ٽيڪس نظام کي آسان بڻائڻ لاءِ ”ننڍن دڪاندارن لاءِ اسپيشل پروسيجر“ جو مسودو جاري ڪري ڇڏيو آهي.
ايف بي آر ان حوالي سان ايس آر او جاري ڪري عوام، ڪاروباري تنظيمن ۽ ٻين لاڳاپيل حلقن کان ست ڏينهن اندر اعتراض ۽ تجويزون طلب ڪري ورتيون آهن.
مسودي موجب، اهو خاص طريقو صرف انفرادي دڪاندارن تي لاڳو ٿيندو جن جو ساليانو ٽرن اوور 20 ڪروڙ رپين تائين آهي، پر اهي واپاري جن جو گذريل ٽن سالن ۾ ڪنهن به هڪ سال ۾ 20 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ٽرن اوور آهي، اهي ان اسڪيم مان فائدو حاصل نه ڪري سگهندا.
اسڪيم مڪمل طور تي رضاڪارانه هوندي. واپاري ان خاص طريقيڪار تحت ٽيڪس ادا ڪري سگهن ٿا جيڪڏهن هو چاهين يا معمول مطابق انڪم ٽيڪس ريٽرن جمع ڪرائين. اسڪيم ۾ شامل ٿيندڙ واپارين جو معمول موجب آڊٽ نه ڪيو ويندو.


