پاڪستاني اداڪارا مومنه اقبال جي شادي جون تقريبون دعائن سان شروع ٿي ويون آهن، جنهن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن.
تفصيل موجب تڪراري اداڪارا مومنه اقبال جي منگيتر حمزه سان شادي جون تقريبون شروع ٿي ويون آهن.
ان سلسلي ۾ ڇنڇر تي برڪت واري تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ گهرڀاتين ۽ ويجهن مائٽن ۽ دوستن شرڪت ڪئي، جڏهن ته شادي جون رسمون آچر کان شروع ٿينديون.
دعا جي تقريب ۾ مومنا اقبال هلڪو گلابي رنگ جو لباس پهريل هو جڏهن ته حمزه به هلڪي گلابي رنگ جي شلوار ۽ واسڪوٽ پهريل هو.
دعا خير جي تقريب جون وڊيوز ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون جنهن ۾ ٻنهي کي انتهائي خوش ڏسي سگهجي ٿو.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اداڪارا مومنه اقبال ليگي ايم پي اي خلاف اين سي سي آءِ اي ۾ درخواست داخل ڪندي چيو هو ته ثاقب چٺار کيس تنگ ڪري رهيو آهي ۽ شادي ڪرڻ لاءِ جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته اداڪارا پوليس ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪرڻ جي به درخواست ڏئي ڇڏي آهي.
ان کان علاوه ثاقب چٺار تي مومنه اقبال جي مستقبل جي مڙس حمزه کي ڌمڪائڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.


