بئنڪاڪ ۾ خوفناڪ ٽرين ۽ بس وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا فوت ۽ 32 زخمي ٿي پيا. حادثي جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن.
اختيارين موجب حادثو ڇنڇر ڏينهن ريلوي ڪراسنگ تي ان وقت پيش آيو جڏهن مال بردار ٽرين مسافر بس سان ٽڪرائجي وئي. حادثي کانپوءِ بس کي باهه لڳي وئي، جڏهن ته ويجھو ڪيتريون ئي گاڏيون ۽ موٽرسائيڪلون به حادثي جو شڪار ٿي ويون.
ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته فائر فائٽر ۽ امدادي ٽيمون فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچايون ويون، جن زخمين کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو.
ٿائيلينڊ جي ڊپٽي ٽرانسپورٽ واري وزير موجب، شروعاتي جاچ مان معلوم ٿيو آهي ته بس ريڊ سگنل سبب ريلوي ٽريڪ تي بيهي رهي، جنهن سبب ڪراسنگ بيري کي مڪمل طور بند نه ٿي سگهيو. ان دوران ڪنٽينر کڻي ويندڙ تيز رفتار مال بردار ٽرين وقت تي نه روڪي سگهي ۽ بس سان ٽڪرائجي وئي.
اختيارين موجب حادثي ۾ فوت ٿيندڙ سمورا ماڻهو بس ۾ سوار هئا، جڏهن ته ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ وڊيوز ۾ ٽرين کي بس سان ٽڪرائڻ کانپوءِ ٽريڪ تي ٻين گاڏين کي ڇڪيندي ڏٺو وڃي ٿو، جڏهن ته ٽڪر جي فوري بعد شعلن ۽ دونهين کي اڀرندي ڏٺو وڃي ٿو.
پوليس ۽ ٽرانسپورٽ اختيارين حادثي جي مڪمل جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ته جيئن معلوم ڪيو وڃي ته ريلوي ڪراسنگ تي حفاظتي اپاءَ ۾ ڪٿي لاپرواهي ڪئي وئي.


