سپريم ڪورٽ لاهور ۾ ٻن پوليس اهلڪارن ۽ هڪ ڪانسٽيبل کي قتل ڪندڙ ڏوهاري مشتاق احمد جي نظرثاني درخواست رد ڪري ڇڏي.
سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن تي حملو دهشتگردي جي زمري ۾ اچي ٿو. عدالت چيو ته سرڪاري اهلڪارن تي حملو رياست جي رٽ ۽ انصاف جي نظام تي سڌو سنئون حملو آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي نشانو بڻائڻ ذاتي دشمني نه پر دهشتگردي آهي.
عدالت چيو ته نظرثاني درخواست 1598 ڏينهن جي غيرمعمولي دير سان داخل ڪئي وئي ۽ درخواستگذار هڪ ڏينهن جي دير جو جواز پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو.
سپريم ڪورٽ موجب ڏوهاري مشتاق احمد تي ڊيوٽي دوران ٻن پوليس اهلڪارن ۽ هڪ ڪانسٽيبل کي قتل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿي ويو آهي. ڏوهاري سرڪاري ڊيوٽي دوران پوليس اهلڪارن تي فائرنگ ڪئي.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ٽرائل ڪورٽ جوابدارن کي ٽي ڀيرا موت جي سزا ٻڌائي هئي پر سپريم ڪورٽ پنهنجي پهرين فيصلي ۾ موت جي سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪيو هو.
جسٽس اشتياق ابراهيم لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو.
درخواستگذار مشتاق احمد سپريم ڪورٽ جي 2019 واري فيصلي خلاف نظرثاني درخواست داخل ڪئي هئي.
سپريم ڪورٽ درخواستگذار جي موت واري سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. عدالت ٽنهي جوابدارن کي پاڪستان جي اينٽي ٽيررازم ۽ پينل ڪوڊ جي شقن تحت عمر قيد جي سزا ٻڌائي.
سپريم ڪورٽ عمر قيد جي سزا برقرار رکندي اپيل رد ڪري ڇڏي.
سپريم ڪورٽ جو چوڻ آهي ته جوابدار درخواستگذار ٻن پوليس اهلڪارن ۽ هڪ ڪانسٽيبل تي ان وقت فائرنگ ڪئي جڏهن اهي ڊيوٽي تي هئا. عدالت چيو ته خانگي تڪرار تي به قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي نشانو بڻائڻ سڌي ريت رياست جي اٿارٽي جي ڀڃڪڙي آهي.


