اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي مسافرن جي سهولت ۽ سندن سفر کي آرامده بڻائڻ لاءِ هڪ منفرد، پريميئم ميٽ اينڊ اسسٽنٽ سروس شروع ڪئي وئي آهي.
اها سروس ملڪي ۽ بين الاقوامي مسافرن لاءِ هڪجهڙي دستياب هوندي، دنيا جي بهترين ايئرپورٽس تي موجود ملاقاتن ۽ سلامي خدمتن جي مقابلي ۾ هوندي ۽ دبئي ايئرپورٽ تي ’ميرحبا‘ سروس جي برابر هوندي.
هن سروس جي بُڪنگ ڪندڙ مسافرن کي ايئرپورٽ کڻڻ ۽ ڇڏڻ لاءِ خاص وي آءِ پي لين، بزنس ڪلاس لاؤنج، ۽ اميگريشن ۽ چيڪ اِن لاءِ خاص ’فاسٽ ٽريڪ‘ جون سهولتون ملنديون.
پاڪستان ايئر پورٽ اٿارٽي جي انتظاميا پاڪستاني ايئرپورٽس تي مسافرن جي سهولتن جي معيار کي دنيا جي جديد ترين ايئرپورٽس جي برابر آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي ۽ اها سهولت ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.
بين الاقوامي سطح تي پاڪستان جي وڌندڙ اهميت کي نظر ۾ رکندي وقت جي ضرورت آهي ته پاڪستان پنهنجي شاندار جاگرافيائي بيهڪ جو فائدو وٺي پاڻ کي لاجسٽڪ ۽ ايوي ايشن حب طور ترقي ڪري ۽ اها سروس ان ئي ويزن کي پورو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.

اسلام آباد ايئرپورٽ هڪ وسيع عمارت آهي؛ ۽ اترين علائقن جو دورو ڪندڙ سفارتڪارن، پرڏيهي وفدن ۽ سياحن جي وڏي تعداد جو مرڪز آهي. هتي اهڙي سهولت جي سخت ضرورت هئي. ان سان گڏ اسلام آباد ايئرپورٽ به CPEC جي مکيه روٽ تي واقع آهي، جنهن کي پاڪستان جي مستقبل جي معاشي لائف لائن سمجهيو وڃي ٿو.
جيتوڻيڪ ان سروس جو دائرو صرف اسلام آباد تائين محدود آهي پر منصوبي موجب مستقبل ۾ ان سروس کي ملڪ جي ٻين وڏن شهرن جي ايئرپورٽن تائين به وڌايو ويندو.
سروس هڪ کليل ٽينڊر جي عمل ذريعي شروع ڪئي پئي وڃي جيڪا پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ٽيڪنالاجي ۽ هاسپيٽلٽي ڪمپنين جي هڪ ڪنسورشيم ’ولي النزوي پارٽنرشپ‘ پاران سڀ کان وڌيڪ ۽ پرڪشش بِڊ حاصل ڪئي وئي.
ان حوالي سان ڳالهائيندي ”خوشباد ميٽ اينڊ اسسٽ اينڊ ڪنسيئر سروسز“ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ايئر مارشل (ر) ارشد ملڪ تيارين تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته ”اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ”خوشباد“ سروس جو آغاز پاڪستان ۾ هوائي جهازن جي خدمتن کي اپ گريڊ ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو.
هن چيو ته اسان صرف هڪ سهولت نه پر هڪ جديد ۽ ٽيڪنالاجي سان ليس سسٽم متعارف ڪرائي رهيا آهيون جنهن ۾ ريئل ٽائم سي آر ايم (CRM) ٽريڪنگ کان وٺي ايپرن لاجسٽڪس ۽ مسافرن جي اسپيشل ڪيئر تائين هر شيءِ جو بندوبست ڪيو ويو آهي ته جيئن اسلام آباد ايئرپورٽ کان ايندڙ مسافرن کي محفوظ ۽ عالمي معيار جي سروس ملي سگهي.
هن وڌيڪ چيو ته اسان جون ٽيمون سمورن اسٽيڪ هولڊرز ۽ لاڳاپيل ادارن سان مڪمل رابطي ۾ آهن ۽ اسان جولاءِ 2026 جي پهرين هفتي ۾ پنهنجي پهرين مسافرن کي ان شاندار سروس سان ڀليڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.


