گلگت بلتستان چونڊون؛ 272 آزاد ۽ 131 سياسي پارٽين جا اميدوار ميدان ۾ آهن

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


گلگت بلتستان اسيمبلي جي چونڊن 2026 لاءِ اميدوارن جي حتمي لسٽ جاري ڪئي وئي آهي.

ايڪسپريس نيوز موجب لسٽ موجب مجموعي طور تي 403 اميدوار چونڊ ميدان ۾ اچي ويا آهن، جن مان 272 آزاد اميدوار ۽ 131 سياسي پارٽين جا اميدوار چونڊن ۾ حصو وٺندا.

چونڊن ۾ مجموعي طور 8 عورتون به شامل آهن. جن مان پنج عورتون آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهينديون، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي، استحڪام پاڪستان پارٽي ۽ پي اين پي جي هڪ هڪ عورت اميدوار به ميدان ۾ آهي.

سياسي پارٽين جي اميدوارن جي تفصيلن موجب پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جا 23 اميدوار چونڊن ۾ حصو وٺندا، جڏهن ته پاڪستان مسلم ليگ ن جا 22 اميدوار ميدان ۾ هوندا. جمعيت علماءِ اسلام جا 9 اميدوار، اسلامي تحريڪ پاڪستان جا 10 ۽ جماعت اسلامي جا 6 اميدوار به چونڊن ۾ حصو وٺندا.

اهڙي طرح مجلس وحدت المسلمين جا 7 اميدوار چونڊن ۾ حصو وٺندا جڏهن ته استحڪام پاڪستان پارٽي جا 15 اميدوار چونڊ ميدان ۾ آهن. پاڪستان نظرياتي پارٽي جا 10 اميدوار به چونڊ وڙهندا جڏهن ته ايم ڪيو ايم جا 6 اميدوار چونڊن ۾ حصو وٺندا. عوامي ورڪرز پارٽي جا 4 اميدوار به ميدان ۾ آهن.

ان کان علاوه عوامي نيشنل پارٽي، عوامي پاڪستان، مرڪزي مسلم ليگ، تحريڪ تحفظ پاڪستان پارٽي، سني اتحاد ڪائونسل ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو هڪ هڪ اميدوار چونڊن ۾ حصو وٺندو. پاڪستان مسلم ليگ (ق) جا 11 ۽ مسلم ليگ ق جو هڪ اميدوار به چونڊ ميدان ۾ آهي. پيپلز پارٽي ٽاور گروپ جو هڪ اميدوار به چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment