اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو پرڏيهي سفري پابندين بابت ڪيس جو اهم فيصلو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو پرڏيهه سفري پابندين بابت اهم فيصلو اچي ويو آهي.

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته وڌيڪ رهڻ لاءِ ڪنهن ٻئي ملڪ مان بي دخل ٿيڻ سفري پابندي جو جواز ناهي، جسٽس محمد آصف 4 صفحن تي مشتمل تفصيلي فيصلو جاري ڪيو.

عدالت وڌيڪ رهائي لاءِ ٻئي ملڪ مان بيدخل ٿيڻ بعد پي سي ايل ۾ نالو داخل ڪرڻ کي غير قانوني قرار ڏيندي پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ مان شهري جو نالو ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سفري پابندي لاءِ جرم، سيڪيورٽي خطرو يا ناقابل ترديد ثبوتن جي موجودگي ضروري آهي، ڪنهن به شهري جي بغير ڪنهن ڏوهه جي ٻاهرين ملڪ سفر ڪرڻ ۽ ڪم ڪرڻ جي آئيني حق تي پابندي جو ڪو به جواز ناهي.

عدالت چيو ته سفري پابندي آئين جي آرٽيڪل 4، 9، 10 اي، 15، 18 ۽ 25 جي ڀڃڪڙي آهي. سفري پابندين واري لسٽ ۾ شهري جو نالو اهڙي طرح شامل ڪرڻ آئين جي بنيادي حقن ۽ قانوني تقاضائن جي ڀڃڪڙي آهي.

عدالت موجب وفاقي حڪومت جو چوڻ هو ته ناري جي ملڪ ۾ اوور اسٽري سبب شهري کي ڊي پورٹ ڪيو ويو. وفاقي حڪومت پاران پاليسي موجب شهري جو نالو پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment