ڀارتي رياست تلنگانا جي جيل انتظاميا عوام لاءِ هڪ منفرد ۽ حيران ڪندڙ پروگرام متعارف ڪرايو آهي، جنهن تحت عام شهري مقرر فيس ادا ڪري جيل جي زندگي جو عملي تجربو حاصل ڪري سگهندا. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب چنچل گواڊا سينٽرل جيل ”فيل دي جيل“ نالي هڪ خاص پروگرام شروع ڪيو آهي، جنهن ۾ اهي ماڻهو جيڪي ڪڏهن جيل نه ويا آهن پر اتي جي زندگي کي ڄاڻڻ جا شوقين آهن، اهي محدود وقت لاءِ جيل جهڙو ماحول محسوس ڪري سگهندا. ان پروگرام تحت جيڪڏهن ڪو شخص 24 ڪلاڪ جيل ۾ گذارڻ چاهي ٿو ته ان کي 2000 ڀارتي رپيا ادا ڪرڻا پوندا، جڏهن ته 12 ڪلاڪن جي تجربي لاءِ 1000 رپيا فيس مقرر ڪئي وئي آهي. جيل عملدارن موجب ان اقدام جو مقصد صرف تفريح فراهم ڪرڻ ناهي پر نوجوانن ۽ عام شهرين ۾ قانون جي عملداري، نظم و ضبط ۽ جيل جي نظام بابت آگاهي پيدا ڪرڻ آهي ته جيئن ماڻهو ڏوهن جي نتيجن کي بهتر نموني سمجهي سگهن. انتظاميا جو چوڻ آهي ته ان تجربي دوران شرڪت ڪندڙن کي قيدين جي روزاني زندگيءَ، معمولات ۽ ماحول کان آگاهه ڪيو ويندو ته جيئن کين عملي اندازو ٿي سگهي ته جيل جي زندگي ڪهڙي هوندي آهي. هي منفرد پروجيڪٽ ڀارت ۾ عوام جي دلچسپي جو مرڪز بڻجي ويو آهي ۽ سوشل ميڊيا تي پروگرام تي دلچسپ تبصرا به اچي رهيا آهن.
Source link

’ٻه هزار رپيا ڏيو، هڪ ڏينهن قيدي ٿي وڃو‘، ’فيل دي جيل‘ پروگرام ڀارت ۾ متعارف
Leave a Comment Leave a Comment

