وزيراعظم شهباز شريف 4 ڏينهن جي دوري تي چين روانو ٿي ويو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي چئن ڏينهن جي دوري جي پهرين مرحلي ۾ هنگزو روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير عطاءُ الله تارڙ، آءِ ٽي واري وزير شازا فاطمه خواجا ۽ خصوصي معاون طارق فاطمي به وزيراعظم سان گڏ هئا. وزيراعظم هانگزو ۾ زئي جيانگ صوبي جي پارٽي سيڪريٽري سان ملاقات ڪندو، سي پيڪ فيز 2 تحت پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين جي وچ ۾ تعاون کي هٿي وٺرائڻ لاءِ منعقد ڪيل ڪاروباري فورم ۾ شرڪت ڪندو ۽ معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن جي مٽاسٽا واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو. ان کان علاوه وزيراعظم چين جي مشهور ڪمپنين جي سي اي اوز سان به ملاقاتون ڪندو ۽ چيني ڪمپني علي بابا جي هيڊ ڪوارٽرز ۽ چائنا اڪيڊمي آف ايگريڪلچرل سائنسز جو دورو پڻ ڪندو ۽ بعد ۾ وزيراعظم بيجنگ جي دوري تي روانو ٿيندو. بيجنگ ۾ وزيراعظم چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪيوانگ سان ملاقاتون ڪندو ۽ پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي تقريب ۾ به شرڪت ڪندو. وزيراعظم جي چين جي دوري سان پاڪ چين لاڳاپن ۾ نوان رخ شامل ٿيندا، خاص طور تي سي پيڪ فيز 2 تحت، جنهن ۾ پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين سان سهڪار وڌائڻ شامل آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment